طلاق سورة

طلاق (سورة): قرآن مجيد جي هن سورة جو ٻيو نالو النساء القصريٰ (ننڍي نساء سورة) پڻ آهي. هيءَ مدني سورة آهي ۽ هن جي آيتن جي ڳاڻيٽي ۾ اختلاف آهن. بصري جي قارين وٽ هن جون يارهن آيتون آهن، پر ٻين گهڻن عالمن هن جون ٻارهن ٻڌايون آهن. ڪن عالمن جو بيان آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏهن ام المؤمنين حضرت بي بي حفصهرضه کي طلاق ڏني ته ان تي هيءَ سورة نازل ٿي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي چيو ويو ته حضرت حفصهرضه سان رجوع ڪريو؛ ڇو ته هوءَ روزي ۽ نماز جي پابند آهي ۽ جنت ۾ به اوهان جي پاڪ گهروارين ۾ شامل هوندي. ڪن روايتن موجب حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنه ۽ ڪجهه ٻين اصحابن ماهواريءَ ۾ پنهنجين زالن کي طلاق ڏيئي ڇڏي هئي، تنهن تي هيءَ سورة نازل ٿي ۽ عدت موجب زالن کي طلاق ڏيڻ جو حڪم ٿيو. ڪجهه عالمن چيو آهي ته نڪاح، طلاق ۽ عدت وغيره جا ڪجهه احڪام ته ٻين سورتن ۾ به بيان ٿي چڪا هئا، باقي ضروري احڪام عطا ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ هيءِ سورة نازل فرمائي. عالمن هن سورة جي روشنيءَ ۾ طلاق، عدت ۽ رضاعت سان گڏ ٻيا ڪيترائي شرعي احڪام ۽ فقهي مسئلا ڪڍيا آهن. هن سورة جي باري ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان روايت آهي ته جنهن شخص سورة الطلاق جي ورد کي جاري رکيو اهو رسول الله صلي الله عليه وسلم جي سنت تي فوت ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو